شري گرو تيغ بهادر صاحب گردوارو، ڪنڌڪوٽ

شري گرو تيغ بهادر صاحب گردوارو، ڪنڌڪوٽ

شري گرو تيغ بهادر صاحب گردوارو ڪنڌڪوٽ

شري گرو تيغ بهادر صاحب گردوارو، ڪنڌڪوٽ: سک مت جي نائين گرو، گرو تيغ بهادر جي نالي پٺيان قائم هي گردوارو غوثپور ناڪي ويجهو نانڪ محلي، ڪنڌڪوٽ ۾ واقع آهي. هي ٽه ماڙ گردوارو آهي. هن گردواري جي تعمير دوران هندو ۽ سک برادرين ۾ تڪرار ٿيو هو، جنهنڪري گردواري جو ڪم ڪجهه وقت لاءِ بند ٿي ويو، بعد ۾ نبيري کانپوءِ، گردواري جو تعميري ڪم مڪمل ڪيو ويو. سيمنٽ ۽ پڪين سرن سان چورس شڪل ۾ ٺهيل هيءَ عمارت عام عمارتن جهڙي آهي. عمارت مٿانهين تي اڏيل آهي، تنهن ڪري ان ۾ داخل ٿيڻ لاءِ مکيه دروازي وٽ ڏاڪڻيون ٺهيل آهن. روشني ۽ هوا لاءِ سموريءَ عمارت ۾ 11 هم چورس ڳڙکيون ٺهيل آهن، صرف هيٺينءَ منزل جون ٽي ڳڙکيون سرن ۽ پلستر سان بند ڪيون ويون آهن، جڏهن ته ٻي ۽ ٽين منزل تي 4-4 ڳڙکيون کليل حالت ۾ آهن. ان کان سواءِ به سڄي عمارت ۾ بي شمار روشندان پڻ آهن. هن گردواري کي ‘سک سڀا گردوارو’ پڻ چيو وڃي ٿو. هرسال هن گردواري ۾ ٻه ميلا: هڪ ‘گرونانڪ’ جو ۽ ٻيو ‘مانارام صاحب’ جو لڳندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو